حقوق الوالدين2

حقوق الوالدين (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اديب ۽ شاعر مولابخش ’مسڪين‘ ڀُٽي جو لکيل آهي. جون 1928ع ۾ مسٽر خوبچند پبلشر ۽ تاجران ڪتب شاهي بازار، شڪارپور طرفان ڇپيل آهي. هن ڪتاب جي ڇپائي ڪتابت ٿيل آهي ۽ ان جو ڪاتب محمد عبدالعزيز مڪراني، خوشنويس لاهور وارو هو. هي ڪتاب ’رفاه عامه اسٽيم پريس، لاهور‘ ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ مؤلف پيءُ، ماءُ ۽ اولاد وغيره جا حق بيان ڪيا آهن ۽ ڪتاب کي ٻن بابن/ فصلن ۾ ورهايو آهي. 78 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو